صديقي غلام عمر مخدوم

صديقي، غلام عمر، مخدوم: حافظ قاري مخدوم غلام عمر صديقي ولد حڪيم مخدوم نصيرالدين 1914ع ڌاري سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ڄائو. هن عربي، فارسي جي ابتدائي تعليم مولوي مخدوم محمد معين الدين صديقيءَ کان حاصل ڪئي. انگريزيءَ جي تعليم پنهنجي ناني علامه مخدوم بصرالدين صديقيءَ کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان عربيءَ جي تعليم سان گڏ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ان کان پوءِ B.E جو امتحان 1936ع ۾ اين. اي. ڊي ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پاڻ طالب علميءَ دوران علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي صحبت ۾ به رهيو. ان زماني ۾ علامه آءِ آءِ قاضي هر جمعي تي مسلم هاسٽل ۾ واعظ ڪندو هو. مخدوم صاحب به پابنديءَ سان اهو واعظ ٻڌڻ ويندو هو. تعليم دوران سندس همعصر ساٿين ۾ ڊاڪٽر محمد صالح قريشي، انجنيئر اي. آر آخوند، سليمان لاڙڪ، غلام محمد ميمڻ ۽ محمد هاشم ميمڻ شامل هئا. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لوڪل بورڊ ۾ سول انجنيئر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ جو وزيراعلى قاضي فضل الله کيس لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ وٺي آيو. ان کان سواءِ پاڻ حيدرآباد، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ به نوڪري ڪيائين ۽ هر هنڌ ايمانداريءَ سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صالح قريشيءَ جي چوڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مخدوم صاحب قرآن شريف جو حافظ، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. ان کان سواءِ هندي، سنسڪرت ۽ جرمن ٻوليون به ڄاڻندو هو. مخدوم صاحب شاگرديءَ واري زماني ۾ خلافت تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ ۾پڻ ڀرپور حصو ورتو. هن 2 سيپٽمبر 1980ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو